حيدر شاهه سيد

حيدر شاهه، سيد: عالم ۽ شاعر سيد حيدر شاهه 27 ربيع الاول مطابق 1228هجري 1813ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. هيءُ ابتدائي طور عربي، فارسي علم نجوم ۽ فقھ مولوي عبدالڪريم وٽ پڙهيو حيدرآباد ۽ آسپاس جا ماڻهو سندس مريد هئا ۽ کانئس عقيدي طور تعويذ لکرائيندا هئا. سيد حيدر شاهه عالم هجڻ سان گڏ قادر ڪلام شاعر پڻ هو. هيءُ صاحب علم موسقي جي اصولن تي شعر چوندو هو ’ليليٰ مجنون‘ نالي ڏوهيڙن تي مشتمل ڪتاب لکيائين. جيڪو بمبئي جي ليٿو ڇاپي مان شايع ٿيو. سندس اهو ڪتاب انگريزن جي دور ۾ اوائلي درسي ڪتاب طور پڙهايو ويندو هو. سندس ان ڪتاب کي سنڌي ادب جي اوائلي ڪتابن ۾ اعليٰ حيثيت آهي. هن 4 فيبروري 1889ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1889.02.04  عيسوي

عالم ۽ شاعر سيد حيدر شاهه 27 ربيع الاول مطابق 1228هجري 1813ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 4 فيبروري 1889ع ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سعيد ميمڻ
رفيق وقار کهڙو
احمد شاڪر
چيتن ديوڪي ورما يمراج
اظهر ريلائي
رودڪي
انورشاهه
ارشد هالائي
چتر ڀڄ
پيرزادو رحمت الله
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون